اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) ازبڪس??ان جو صدر شوڪت مرزيوئيف وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سڀاڻي خميس ڏينهن پاڪس??ان پهچندو. ازبڪ صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ ??ون??و جنهن ۾ پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا ميمبر، اعليٰ سرڪاري آفيسر، ڪاروباري ۽ ميڊيا ميمبر شامل ??ون??ا. 2016ع ۾ صدارتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ازبڪ صدر مرزيوئيف جو پاڪس??ان جو هي پهريون دورو ??ون??و. ازبڪ صدر اهڙي وقت ۾ پاڪس??ان جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جا 30 سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران پاڪ ازبڪ اڳواڻ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. ان کانسواءِ ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪندا. وزيراعظم عمران خان ازبڪس??ان جي صدر سان ون آن ون ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ميڊيا اسٽيڪ آئوٽ ٿيندو. وزيراعظم ازبڪ صدر جي مان ۾ هڪ مانجهاندو پڻ ڏيندو. ازبڪ صدر مرزيوئيف ۽ صدر عارف علوي جي وچ ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي ڌريون سياسي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا وڌائڻ، تيزي سان وڌندڙ واپار، ٽرانزٽ ۽ اقتصادي لاڳاپن، رابطن ۾ اضافي، تعليمي ۽ ثقافتي تعاون جو فروغ، پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان ۽ افغانس??ان کي ڳنڍيندڙ ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ جا معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين جي وچ ۾ پڻ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ازبڪ صدر جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ 2 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو 7 هون اجلاس ۽ ٻيو جوائنٽ بزنس فورم منعقد ٿيندو. پاڪس??ان ”ويزن سينٽرل ايشيا“ فريم ورڪ تحت وچ ايشيائي ملڪن سان پنهنجي رابطن کي وڌايو آهي. ان ويزن ۾ سياسي، سفارتي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع جا شعبا شامل آهن.