اسلام آباد – 18 – ما??چ (اي پي پي) سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شب برات عظيم ۽ فضيلت واري رات آهي، ان رات الله تعاليٰ پنهنجي بندن تي رحمت ۽ بخشش جا دروازا کوليندو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب شب برات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئر??ين چيو ته شبِ برات جي مقدس رات جي موقعي تي پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف وڙهندڙ جوانن کي پنهنجي دعائن ۾ ضرور يا?? رکي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان تي رحمتن ۽ برڪتن جو سايو سدائين برقرار رکي ۽ الله پاڪستان جي حفاظت ڪري ۽ ايندڙ سال ۾ ملڪ کي مصيبتن ۽ مسئلن کان محفوظ رکي.