اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف نيويار?? جي صدر امجد نواز جي قيادت ۾ وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اوورسيز ڪنوينشن سميت ٻين اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اوورسيز ڪنوينشن ۾ تحريڪ انصاف نيويار?? جي وفد جي شرڪت تي خصوصي ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير چيو ته حڪومت پر??يه?? پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ مل?? جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آواز بلند ڪيو ۽ انهن کي اهو حق ڏنو. تحريڪ انصاف جي صدر امجد نواز ملاقات دوران چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، ملڪي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اوورسيز پاڪستاني ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانيز مل?? جي معاشي ترقي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا ساٿي بڻجندا. هن چيو ته انشاءُ الله مخالف ڌر پنهنجي ارادن ۾ ناڪام ٿيندي ۽ عمران خان هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿيندو.