اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) ايوان ص??ر جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ”رمضان المبارڪ گذارڻ جو بهترين طريقو“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏن?? ويو. ايوان ص??ر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. خطيب ڊاڪٽر محمد ظهير جمعي جي خطبي ۾ رمضان المبارڪ جي برڪت ۽ فضيلت بيان ڪندي چيو ته رمضان جو مهينو انسان جي تربيت جو مهينو آهي، روزو انسان جي اندر صبر ۽ تحمل پيدا ڪندو آهي روزي ۾ حلال شين کان به هڪ وقت تائين منع ڪ??ي وئي آهي، حلال طريقي سان رزق حاصل ڪرڻ به عبادت آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته اسان کي هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان توبع ۽ استغفار ڪرڻو آهي، رمضان جي مهيني ۾ اسان کي خراب صحبت کان بچڻو آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ مسلمان پنهنجي رب کي به راضي ڪري سگهن ٿا، واضح ره?? ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ??يوان ص??ر جي جامع مسجد کان سڌو سنئون خطبو نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ??عا ڪ??ي وئي.