اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سا?? پاڪستان ۾ بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي بحرين جي قي??دت پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. بحرين جي سفير پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوس??اڻ?? لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحرين پاڪستان سا?? بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي قي??دت پاران مبارڪباد واري پيغام تي بحرين جي سفير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان بحرين سا?? پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪانلاجي، افرادي قوت ۽ غذائي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ام??انن ۽ ٻطرفي اقتصادي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم بحرين جي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل وقت ۾ پاڪستاني برادري جي سارسنڀال تي ٿورا مڃيا. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حماد نرسنگ يونيورسٽي اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي پڻ آجيان ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوس??اڻ?? لاڳاپن جو اظهار آهي. بحرين ۾ تمام وڏي انگ ۾ سمنڊ پار پاڪستاني رهن ٿا ۽ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ قدرن جي بنياد تي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سا?? ويجهي حصيداري ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙي دلچسپي رکن ٿا. پاڪستان ۽ بحر??ن گذريل سا?? پنهنجي سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 50 هين سا??گرهه پڻ ملهائي هئي.