اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي دهشتگردن جي حملي ۾ جاني نقصان تي چيني عملدارن سان تعزيت جي اظهار لاءِ هتي چين جي سفارتخاني ويو. پرڏيهي ??فيس جي بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به ساڻس گڏ هئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نسل در نسل وفائن جو هڪ سلسلو آهي، دهشتگردن پاڪ چين دوستي جي اساس تي ضرب لڳائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا، پاڪ چين دوستي کي ??بو??از نٿا ڪري سگهن، پرڏيهي وزير چيني سفارتخان?? ۾ ??همانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.