بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳ??پن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪ??ٽيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ چين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاولي جيان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين کي پنهنجي سفارتي لاڳ??پن جي قيام جي 71 هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ چين سفارتي لاڳ??پن جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان ان ڳالهه ??ي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، ا??ٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي رابطن کي مستحڪم بڻائيندي عوام سان عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳ??پن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳ??پن جي قيام جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به 21 مئي کان چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. پاڪستان چين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ?? چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.