اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي 10 ڪشميري نوجوانن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي ??ال?? تي بي گناهه ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻ??ئي رهي آهي، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو آهي ته ڀارت ڪشميري نوجوانن جو عدالت کان مٿانهين قتل جون ڪارروايون بند ڪري، ڀارت ظالماڻي ڪاررواين سان ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، صدر چيو آهي ته ڀارتي بربريت جي خلاف ڀارت جي غير قانوني قبضي ه??ـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مقامي آزادي واري تحريڪ کي دهشتگردي سان نٿو جوڙي سگهجي، صدر چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت لڄائيندڙ ڪاررواين سان انتهاپسند هندوتوا جو چهرو بي نقاب ٿيو آهي، هن چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غير قانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي، صدر چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي.