اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻ پاران نبي ڪريم ﷺ بابت گستاخانا لف??ن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته مودي جي قيادت ۾ ڀارت ۾ مذهبي آزادين کي پائمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، دنيا ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ سختي سان ان کان پڇاڻو ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو اسا?? جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ بابت ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻ جي دل آزاري ت?? ٻڌل بيا?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته مودي جي قيادت ۾ ڀارت ۾ مذهبي آزادين کي پائمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ سختي سان ان کان پڇاڻو ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ سان محبت اسا?? جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ آهي. سمورا مسلمان پنهنجي پيغمبر جي محبت ۽ احترام ۾ پنهنجي جاني?? جي قرباني ڏئي سگهن ٿا.