اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??ار?? ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي جي عهدي??ار?? جي توهين آميز ريمارڪس ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري اينتونيوگوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??ار?? گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا قدمن خاص طور تي تازو ئي حضور ﷺ جي باري ۾ بي جي پي جي ٻن سينئر عهدي??ار?? پاران توهين آميز ريمارڪس کان آگاهه ڪيو، پ??ڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح ڄاڻي واڻي ڪيل اشتعال انگيزي سان سڄي دنيا جي اربين مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتو آهي، هن جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ان جي گستاخاڻي ريمارڪس جو نوٽيس وٺي، هن ڀارتي عملداران پاران پرامن مظاهرين سان روا رکيل ناروا سلوڪ جي به مذمت ڪئي جنهن ۾ مظاهرين جي گهرن کي غير قانوني طور تي بلڊوز ڪرڻ به شامل آهي، جيڪي مسلمانن تي بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي اتحاد پاران مسلسل ظلم ۽ ستم جا تازا قدم آهن، پ??ڏيهي وزير چيو ته بي جي پي عهدي??ار?? جي توهين آميز ريمارڪس جي عالمي مذمت جي باوجود بي جي پي جي اعليٰ قيادت ۽ ڀارتي حڪومت پاران واضح طور تي ان جي مذمت نه ڪرڻ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس پنهنجي اسلامو بڪ ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ هو پرامن عوامي احتجاج کي ط??قت جي وحشياڻي ۽ انڌي استعمال سان دٻائي رهي آهي، پ??ڏيهي وزير نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا تي گڏيل قومن جي موق?? ۽ ??ڏيل قومن جي تهذيبن بابت اتحاد (يو اين اي او سي) جي اعليٰ نمائندن جي بيان جو ذڪر ڪندي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي ۽ اسلامو فوبيا، زينو فوبيا ۽ ساڄي هٿ جي انتهاپسندي سان لاحق نئين ۽ اڀرندڙ خطري کي اجاگر ڪن، پ??ڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. پرڏيهي وزير ۽ جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي جامع ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.