اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀا??ت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان جاري بيان ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀا??ت سان لاڳاپن جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس جي حقيقتن کان هٽي ڪري تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ اُن کي غلط طريقي سان پيش ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڀا??ت بابت پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي جنهن تي قومي اتفاق راءِ آهي، پاڪستان سدائين ڀا??ت سميت پنهنجي پاڙيسرين سان تعاون تي ٻڌل ل??ڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي، ??رج??ان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرارن سميت سمورا حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل تعميري ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي وڪالت ڪئي آهي، تنهن هوندي به ڀا??ت پنهنجي دشمني ۽ رجعت پسنداڻي قدمن سان ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي روڪيو آهي، ڀا??ت تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ??رج??ان چيو ته پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جو حوالو ڏيندي پاڪستان جو موقف واضح طور تي بيان ڪيو ۽ ڀا??تي قدمن کي ڪشميري عوام جي حقن تي حملو قرار ڏنو، پرڏيهي وزير ان سان گڏوگڏ ڀا??ت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبي?? جو به ذڪر ڪيو جنهن ڀا??ت سان بامعنيٰ ڳالهين لاءِ هڪ غير ساز ماحول پيدا ڪيو آهي، پرڏيهي وزير جي ريمارڪس کي تڪرارن جي حل ل??ءِ ان جي اهم پيغام جي مجموعي تناظر ۾ بهتر طور تي سمجهيو ويندو آهي جنهن تي هن ٿنڪ ٽينڪ جي تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ زور ڏنو هو.