اسلام آباد ?? 29 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومن جي تعمير ۾ ادارن جو ڪردار اهم آهي، ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ جديد علم تائ??ن پهچڻ جو ذريعو آهي، علم کي حاصل ڪرڻ جي گهرج تيزي سان وڌي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيصل ا??ئر بيس ڪراچي ۾ 35 هين ا??ئر وار ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته دنيا جو هر مسئلو مشاورت سان حل ٿي سگهي ٿو، عزم ۽ جذبي سان قومون ٺهنديون آهن، افرادي قوت قومي ترقي جي سيڙهي آهي. هن چيو ته جمهوريت جون علمبردار قومون پناهگيرن جي معاملي ۾ غيرسنجيده آهن، تعصب ک??ن مٿانهون ٿي ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهجن ٿيون، مسلمان امت اخلاقي قدرن تي يقين رکي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي بنا ڪنهن رنگ، نسل جي فرق کانسواءِ مظلومن جي حمايت جاري رکڻي پوندي. ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ انسانيت جو پهلو مٿانهون هجڻ گهرجي. هن چيو ته قومون حادثاتي طور تي ترقي ناهن ڪنديون، ان جي لاءِ ڊگهي جدوجهد لازمي آهي. مصنوعي ذهانت جهڙي علم سان هم آهنگ ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي. تقريب دوران صدر گريجوئيٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. گريجوئيٽ ٿيندڙن ۾ 70 آفيسر ۽ دوست ملڪن جا 18 آفيسر شا??ل آهن جن ۾ سعودي عرب، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، ملائيشيا، شام ۽ يمن جا به آفيسر شا??ل آهن.