لاهور – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي غيرمعمولي صورتحال ۾ صنعتي ۽ درآمدي شعبي جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي ??رآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو، رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن برآمدات جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ??دارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ معاون انڊسٽريل ۽ برآمدي شعبي جي مسئلن جي ??ل لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انرجي ڊويزن واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري ب??رڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ڪامرس واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، انڊسٽريز واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، قانون واري صوبائي وزير ملڪ احمد خان، لاڳاپيل وزارتن جي ??عليٰ عملدارن ۽ تيڪسٽائيل سيڪٽر جي ناليوارين ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊسٽريل ۽ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي ??نرجي ??پلائي جا مسئلا ترجيحي ب??يادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ بزنس مين جي نمائنده گروپ کي لاڳاپيل وزيرن سان فوري طور تي ملاقات ۾ مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ??نڊسٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي مسئلن جي ??امع ۽ موزون قدمن ذريعي فوري حل ۾ پاڪستان جي معاشي ب??اءَ لڪل آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي طور تي غيرمعمولي صورتحال ۾ انڊسٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي ??رآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي ته جيئن برآمدات جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي.