اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپان سان پاڪستان جي پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏ??ند?? ان قابل قدر حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي جڏهن ته هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم ها??وس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان جاپان جي پرڏيهي معاملن واري نائب پارلياماني وزير هونڊا تارو ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دوستاڻن ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سماجي ۽ اقصادي ترقي جي لاءِ جاپان حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ معاونت ??ي ساراه??و. ??ن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ بين لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ جاپاني ادارن پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ي ساراه??ند?? وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت اهڙي قسم جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي معاملن واري پارلياماني نائب وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪ??و. ??اڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاپان جي عزم کي ورجائ??ند?? هن پاڪستان جاپان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ڪوششن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي حوالي سان پاڪستان سان جاپان جي مسلسل تعاون جي عزم کان آ??اه?? ڪ??و. ??زير هونڊا تارو وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جاپان جي امدادي اداري جائيڪا جي خاص طور تي صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ قدرتي آفتن کان ڇوٽڪاري جي شعبن ۾ تعاون بابت پڻ آ??اه?? ڪ??و. ??زيراعظم غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وجهندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.