اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پهرين آئين ساز اسيمبلي جي ڊائمنڊ ج??بل?? جي تقريبن جي سلسلي ۾ عو??ت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي اهتمام هيٺ عو??تن جو ڪنوينشن قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪئي. ڪنوينشن ۾ موجود ۽ اڳوڻي عو??ت پارليامينٽرين زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عو??تن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن جو موضوع مرڪز يقين شاد باد هو. اجلاس دوران ڪنوينشن ۾ شريڪ عو??تن کي قومي اسيمبلي ۾ عو??ت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي حوالي سان ٻ??اي?? ويو ته 2008ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فهميده مرزا اسپيڪر بڻي ته ان وومين ڪاڪس جو بنياد رکيو جنهن جو مقصد عو??تن جي حقن جي لاءِ قانونسازي ڪ??ڻ هو. وومين ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت خلاف مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجو نالو ڪمايو. هو جمهوريت جي لاءِ شهيد ٿي تاريخ ۾ پنهنجو نالو امر ڪري وئي. جڏهن ته اجلاس ۾ اهو وچن ورجا??و ويو ته اسان ملڪ جو دفاع ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ جو دفاع ڪنداسين. گلگت بلتستان سان لاڳاپيل سعديه دانش چيو ته حضرت خديجه ڪبريٰ ۽ حضرت فاطمه الزهره جي بي مثال جدوجهد ۽ عظيم قربانين سان تاريخ رقم ٿي آهي. اهڙي طرح محترمه فاطمه جناح ۽ ٻين عو??تن تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. محترمه نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي ڊاڪٽر رٿ فائو کي به خراج عقيدت پيش ڪ??و ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين سازشن ۽ نفرتن کان محفوظ رکي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ ۽ ان کانپوءِ جن به ناليوارين عو??تن ۽ گمنام عو??تن قربانيون ڏنيون انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر نعيمه ڪشور خان چيو ته قانون ته تمام گهڻا ٺهن ٿا پر هاڻي اسان کي انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. نزهت شيرين چيو ته ڊائمنڊ ج??بل?? جي موقعي تي عو??تن جو ڪنوينشن منعقد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. نرگس فيض ملڪ چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سڀئي سياسي پارٽيون اهو وچن ڪن ته عو??تن کي سرمائيدار طور تي نه پر وفاداري جي بنياد تي ٽڪيٽ ڏني ويندي. ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره چيو ته اسان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، اسان کي نظرانداز نه ڪ??و وڃي ۽ منهنجي سڃاڻپ مهاجر آهي، آئون انهن جي نمائندگي ڪ??يان پئي، پاڪستان کي اسان ٺاهيو آهي جنهن تي شاهده رحماني چيو ته منهنجا ابا ڏاڏا به هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا. نامياري سماج سڌارڪ طاهره عبدالله چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان اسان ڏسون پيا ته وومين ڪاڪس پوري طرح فعال ناهي رهيو ان کي وڌيڪ فعال بڻا??و وڃي. ٽرانس جينڊر جي نمائندگي ڪندي ببلي چيو ته اسان کي پهريون ڀيرو هن ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي سڃاڻپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ٽرانس جينڊر جي تحفظ لاءِ قانون موجود آهي ان تي عملدرآمد ڪ??و وڃي. هن چيو ته هن ايوان ۾ عو??تن وانگر ٽرانس جينڊر لاءِ به ڪوٽا مخصوص ڪئي وڃي، هي اسان جو به پاڪستان آهي. جڏهن ته طاهره اورنگزيب اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ايوان جا دروازا عام عو??تن کي به لاءِ کوليا آهن. هن ڪنوينشن ۾ سمورين عو??تن جي شريڪ ٿيڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته نرگس فيض جو اهو جملو تمام وڏو آهي ته سياسي پارٽين کي وفاداري جي بنياد تي عو??تن کي ٽڪيٽون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته آئون ان مطالبي جي ۽ ٽرانس جينڊر جي لاءِ سيٽ مخصوص ڪرڻ جي به حمايت ڪريان ٿي. سحر ڪامران چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سوات تي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جو اعلان پنهنجي آخري خطاب ۾ ڪيو هو. وجيها اڪرم چيو ته عو??ت ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ آهي، ان جو تحفظ يقيني بڻا??و وڃي. جڏهن ته ان کانسواءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊپٽي اسپيڪر شاهين ڪوثر ڊار، سينيٽر روبينه خالد، سينيٽر رخسانه زبيري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ڪنوينشن ۾ قرارداد پيش ڪندي چ??و ويو ته عو??تن جو هي ڪنوينشن ڊائمنڊ ج??بل?? جي موقعي تي تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عو??تن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ ڪنوينشن مطالبو ڪري ٿو ته عو??تن کي قرآن ۽ سنت موجب حاصل حقن جو تحفظ ڪ??و وڃي. جڏهن ته ان کانسواءِ عالمي ڪنوينشن تحت عو??تن کي جيڪي حق حاصل آهن انهن کي به يقيني بڻا??و وڃي. جڏهن ته قرارداد کي اتفاق راءِ سان منظور ڪ??و ويو.