ڪوئيٽا – 12 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو آزادي ڏهاڙ?? جون تقريبون ساده پر پروقار انداز ۾ م??عق?? ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڄي بلوچستان ۾ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه قوم?? جوش ۽ جذبي سان سادي ۽ پروقار طريقي سان ملهائي ويندي، وڏي وزير چيو ته هن وقت صوبو شديد برساتن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، لکين متاثرين کي حڪومت ۽ معاشري ج?? سرندي وارن جي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، حڪومت متاثرين جي امداد ۽ بحالي ج?? لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان هيليڪاپٽر حادثي ۾ ٿيندڙ شهادتن جي ڏک مان اڃا تائين ٻاهر ناهيون نڪري سگهيا، ٻوڏ متاثرين ۽ شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهتي ج?? اظهار لاءِ آزادي ج?? ڏهاڙي کي روايت?? جوش ۽ جذبي پر سادگي سان ملهايو ويندو.