اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شر??ف ٻيو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويو آهي جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قومي تراني جي اجراءَ جو سڀاڻي 14 آگسٽ تي افتتاح ڪندو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪم??ٽي قومي تراني جي تياري تي ڪم شر??ع ڪيو هو. احمد ڇاگلا جي تيار ڪيل ڌُن کي پهريون ڀيرو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪم??ٽي جي ميمبرن آڏو پيش ڪيو ويو هو. قومي تراني جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪم??ٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ان ڌُن جي منظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي لکيل ڪم??وزيشن کي باضابطا منظور ڪيو ويو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ آگسٽ 2017ع ۾ قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شر??ع ٿيو. ان مقصد جي لاءِ سمورين قومي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع تي اطلاعات واري وز??رت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان شر??ع ڪيو. سينيٽر (ر) جا??يد جبار جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪم??ٽي جوڙي وئي جنهن جي ماتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪم??ٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت سميت مختلف ادارن، ک??تن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شموليت سان اها قومي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي عوامي لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) جي حصيداري سان ٽنهي هٿياربند فوج جي براس بينڊز (سازينه) پڻ ان قومي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه اها آهي ته قومي تراني کي نئين سازينه سان بهترين عڪسبندي سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي سمورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي قوس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپن جو پيغام ڏنو ويو آهي.