اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف ڏکڻ سنڌ ۾ چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثرين کي ??وري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومت کي ??وري طور تي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم چيو ته ٻوڏ صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر ماڻهن جو ريسڪيو ۽ انهن جي فوري امداد آهي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي ??وري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا وڃن. متاثرين کي کاڌي ۽ صاف پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. متاثرين کي رهائش ۽ طبي سهولتن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ??زي??اعظم ملڪ جي باقي حصن ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ متوقع ٻوڏ صورتحال کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.