??سل??م آباد – 11 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شام ۾ فلائيٽ آپريشن جي معطلي جي ڪري ڦاٿل پاڪستانين ??ي فوري وطن واپسي جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان ج??ر?? بيان موجب اسرائيلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ دمشق ايئرپورٽ کي شديد نقصان جي ڪري فلائيٽ آپريشن معطل ٿي وئي، فلائيٽ آپريشن جي ڪري زيارتن تي ويل 160 پاڪستاني شام ۾ ڦاسجي ويا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شام ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني کي پاڪستانين ??ي فوري وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستاني سفارتخاني چيو ته شام ۾ ڦاٿل سمورن پاڪستانين سان سفارتخاني جو رابطو قائم آهي، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جا جلد انتظام مڪمل ڪيا ??ين??ا.