اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪينيا ۾ پا??ست??ن جي سينيئر صحافي ارشد شريف جو مارجي وڃڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڌوڏيندڙ واقعو آهي، ارشد شريف جي مارجڻ جي واقعي تي ڪينيا جي حڪومت جي آفيشل بيان جو انتظار آهي، پا??ست??ن جي سفير ثقلين سيده مارچري ۾ موجود آهي جتي ارشد شريف جي م??ت جي سڃاڻپ ٿي آهي، وزيراعظم ارشد شريف جي م??ت پا??ست??ن آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪينيا جي پوليس پاران جاچ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ڪينيا جي حڪومت پنهنجو بيان جاري ڪندي، اسان اصل حقيقتن کان ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ارشد شريف جو ڪينيا ۾ مارجڻ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، ان تي تعزيت جي لاءِ وٽس لفظ نه آهن. هن چيو ته هيستائين جي م??يل معلومات موجب ارشد شريف نيروبي کان اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي سفر تي خرم نالي شخص سان گڏ سفر ڪري رهيو هو، هو جنهن گاڏي ۾ سوار هو اها ڪينيا جي م??امي ڊرائيور هلائي رهيو هو. هن چيو ته ڪينيا جي حڪومت پاران تفصيلن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ڪينيا جي حڪومت پوليس پاران جاچ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي پنهنجو بيان جاري ڪندي. هن چيو ته شروعاتي جاچ جو هجڻ تمام ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي ڪينيا ۾ اسان جي هاء?? ڪمشنر ثقلين سيده مارچري ۾ موجود آهي جتي ارشد شريف مرحوم جي م??ت جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پا??ست??ني سفير سان گڏ نيروبي جي گورنر جو نمائندو، پوليس ۽ سمورا سينيئر اهلڪار به اتي م??جود آهن. هن چيو ته وزيراعظم گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪينيا ۾ پا??ست??ني صحافي ارشد شريف مرحوم جي م??ت کي پا??ست??ن آڻڻ جي لاءِ سمورا انتظامي معاملا جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن ۽ ان واقعي جي جاچ ڪينيا جي اندر پوليس سان رابطي ۾ رهي ڪئي وڃي. هن چيو ته مون ارشد شريف جي والده سان ملاقات ڪئي آه?? ۽ ??زيراعظم به ان جي والده سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏياريو آهي ته هو پاڻ ان واقعي کي ڏسي رهيو آه?? ۽ ??رحوم ارشد شريف جي م??ت جلد کان جلد وطن واپس آندي ويندي. هن چيو ته ڪينيا جي پوليس پاران هڪ بيان ڪينيا جي م??ڊيا تي آيو آهي پر اسان کي ان بابت ڪينيا جي حڪومت جي آفيشل بيان جو انتظار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ صحافي جي م??ت ٿي آهي، ان تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، هي واقعو گهرڀاتين جي لاءِ هڪ افسوسناڪ لمحو آهي، وزيراعظم گهرو وزارت کي به ذميواري ڏني آهي ته ڪينيا جي پوليس سان گڏجي ان واقعي جي م??ڪل جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته هي هڪ پوليس ڪيس آهي، ڪينيا ۾ پوليس جي جاچ عمل مڪمل ٿيڻ تي اتي م??جود اسان جا آفيسر اسان کي تفصيلن کان آگاهه ڪندا ته اسان هتي م??ڊيا ۽ گهرڀاتين کي به انهن تفصيلن کان آگاهه ڪنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته ارشد شريف جي مارجڻ جي واقعي جا اصل ڪارڻ اچڻ تائين ان تي ڪا ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته پا??ست??ن جي هاء?? ڪمشنر ثقلين سيده پنهنجي وڪيل کي به اتي گهرايو آهي، واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ٿي رهي آهي.