دنيا جا واپاري ۽ سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن: صدر

image
APP20-21 LAHORE: November 21 – President Dr. Arif Alvi addressing at the inaugural ceremony of 5th China Agro Chemical (CAC) Pakistan Summit. APP

لاهور – 21 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا جي واپارين ۽ سيڙپڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ڇو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ملڪ بڻجي چڪو آهي ملڪ ايشيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شال ٿي چڪو آهي، تازا عالمي انگ اکر ان ڳالهه جا عڪاس آهن، پاڪستان ۽ چين خطي ۾ مستقل امن ۽ معاشي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ سي پيڪ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي، موجوده حڪومت ماحوليات، گلوبل وارمنگ، تعليم، خطي ۾ امن قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هو ايڪسپو سينٽر ۾ ٻن ڏينهن واري پنجين چائنا ايگرو ڪيميڪل پاڪستان سمٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ