نئين پاڪستان ۾ عوام ۽ ڪاروباري برادري جو سرمايو محفوظ آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP35-08 ISLAMABAD: February 08 - Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media persons during the Property Expo 2020 at Pak China Friendship Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نئين پاڪستان ۾ عوام ۽ هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جو سرمايو محفوظ آهي، حڪومت جا منصوبا جاري ٿيڻ کان مڪمل ٿيڻ تائين جي عمل تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران خان جيڪي سڌارا متعارف ڪرايا آهن انهن ذريعي عوام کي يقين ڏياريو ويو آهي ته توهان جي هڪ هڪ پئسي جا امين آهيون، دوکيبازي، هيراڦيري ۽ ناانصافي کي روڪڻ، قانون کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، راڻا ثناءُ الله جون رڙيون ماڻهن ٻڌي ورتيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پراپرٽي ايڪسپو 2020ع جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی