اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻ??ايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اط??ين??ن جو اظهار ڪندي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس کي صوبائي سطح تي فو??ي طور تي متحرڪ ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جي آپريشنل معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ڪابينا ميمبرن کي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اط??ين??ن جو اظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فو??ي طور تي متحرڪ ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽائيگر فورس جي لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.