اسلام آبا?? – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اف??ان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس اف??انستان جو اهو پهريون دورو آهي، وزيراعظم عمران خان اف??ان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سالن جي دوران پاڪستان ۽ اف??انستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصدن جي فروغ ۽ اف??انستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنا??ي موجب وزيراعظم هڪ پرامن، م??تحڪم، م??حده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال اف??انستان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته اف??انستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ اف??انستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳا??هين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان اف??ان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن عمل ۾ اف??ان عوام جي فيصلن جو احترام ڪري، هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.