ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهري علائقن ۾ ڪورونا جو ??هل??ءُ وڌي رهيو آهي، 79 سيڪڙو آبادي ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ دستياب آڪسيجن جو 90 سيڪڙو حصو استعمال ٿي رهيو آهي، هڪ هفتي ۾ صورتحال بهتر نه ٿي ته مڪمل لاڪ ڊائون جو سوچڻو پوندو، اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، روزانو 600 کان 700 ڪورونا مريض اچي رهيا آهن، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري صورتحال سنگين ٿي چڪي آهي، اتي آڪسيجن جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي، ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي عوام ڀارتي عوام سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارت جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪيو آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار ??ن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.