اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پهرين جنوري 2022ع کان احساس ڪفالت تحت ماهوار اعزازئي ۾ 166 رپيا اضافو ڪرڻ ۽ غربت جي خ??تمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن پاران ڪيش ٽرانسفر بابت انڊيڪسيشن پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، اجلاس ۾ ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ص??ار?? ۾ ٿيو.