اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ماضي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پاڪستان سان ڳنڍيو ويندو هو، هاڻي اسان جديد ٽيڪنالاجي رکندڙ مصنوعات برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي چڪ?? آهيون، ايڪسپو دبئي 2020ع ??اڪستان جي تمام گهڻن لڪل خزانن کي دنيا آڏو ظاهر ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي، پاڪستان پويلين ذريعي ملڪ جو مثبت ۽ ترقي پسنداڻو تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هي پاڪستان جي لاءِ هڪ عظيم موقعو آهي ته اهو دنيا جي آڏو هڪ شفاف ۽ تيزي سان ترقي ڪندي ملڪ جي وسيع امڪانن کي پيش ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ايڪسپو 2020ع دبئي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۽ ان جي لوگو جي رونمائي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.