اسلام آباد – 04 8211; آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڊينمارڪ ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد فاروق پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ لاڳا??ن جي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير زپي ڪوفوڪا تازو پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??عل??ٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي، پاڪستان ڊينمارڪ سان اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي واپار، سرمائي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ م ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سفير احمد فاروق جي خدمتن کي ساراهيو، سفير احمد فاروق پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳا??ن جي استحڪام لاءِ پنهنجي سڀني توانائين کي استعمال ۾ آڻڻ ج?? خاطري ڪرائي.