اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏين صنعتن جي فعال ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سان ع??يل ڪريم ڍيڍي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ملڪ ۾ معاشي استحڪام تي خاص ڌيان ڏنو آه??، ڪوويڊ 19 جي باوجود حڪومت وچولي کان ڊگهي مدي وارن اقتصادي سڌارن ??رف ڪاميابي سان گامزن آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي اقتصادي صورتحال مستحڪم ٿي آهي. وزيراعظم لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. ع??يل ڪريم ڍيڍي ملڪ ۾ معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته انهن قدمن سان ملڪ جي اقتصادي ۽ صنعتي ترقي تي ڏورس مثبت اثر پوندا.