اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها اف??ان??تان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي، اف??ان??تان ۾ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي ان??ان?? امداد جي فوري ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايران جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي اف??ان??تان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اف??ان??تان ۾ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي ان??ان?? امداد جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته غيرمعمولي ا??لاس سان اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي اف??ان??تان جي مدد جو موقعو ملندو. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اف??ان??تان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزيراعظم عمران خان دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي ا??اگر ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ايران خاص طور تي سپريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله اف??ان??تان بابت اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي ا??لاس جي ميزباني جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراهيو. هن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.