بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪست??ن جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سا?? ملاقاتون ڪندو جڏهن ته وزيراعظم اڄ صدر شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ وزيراعظم سا?? ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻ?? جي منصوبن جي حوالي سا?? چيني سيڙپڪارن جون ملاقاتون ٿينديون?? ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حوالي سا?? ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. وزيراعظم عمران خ??ن جي چين جي دور?? جي حوالي سا?? ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اڄ چين جي صدر پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خ??ن جي اڄ شام جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪست??ن جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سا?? ملاقات ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي سرمائي اولمپڪس ۾ پاڪست??ن جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي عوام پاران شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي اظهار تي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي ٿنڪ ٽينڪس سا?? به ملاقات ٿي، وزيراعظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته وزيراعظم سڀاڻي چين جي صدر شي جن پنگ سا?? ون آن ون ملاقات ڪندو، صدر شي سا?? اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ان ملاقات ۾ پاڪست??ن جي مستقبل جي لاڳ??پن جي حوالي سا?? وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وزيراعظم سا?? پاڪست??ن جي اقتصادي لاڳ??پن جي حوالي سا?? خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.