بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم ج?? دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صنعت جي ش??بي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي دوري دوران اسان جون چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم پاڻ انهن جي سڌوسنئون ڳالهه ٻڌي رهيو آهي ۽ جيڪي نقطا اهي اٿاري رهيا آهن انهن جو جواب ۽ سمورين و??ار??ن کي ان حوالي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪم پڻ جاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمر??ن خان چيني وزيراعظم لي سان ملاقات پڻ ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ درخواست ڪري رهيو آهي انهن تي به غور ٿيندو. چيني صدر شي جن پنگ سان آچر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم عمر??ن خان اهي ئي نقطا اٿاريندو. اميد آهي ته هن دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صنعت جي ش??بي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.