اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جو پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب پورو ڪري رهي آهي، شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تعمير جو ماڊل ا??تي??ر ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ سادي تقريب ۾ فراش ٽائون اسلام آباد جي گهٽ لاڳت ۾ اپارٽمينٽس جي قرعه اندازي جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت غريب طبقي کي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي ۽ شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تعمير جي ماڊل کي ا??تي??ر ڪيو وڃي. فراش ٽائون منصوبو نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سي ڊي اي جي حصيداري ??ان مڪمل ڪيو پيو وڃي جيڪو ٻن هزار گهٽ لاڳت وارن اپارٽمينٽس تي ٻڌل آهي. هڪ اپارٽمينٽ جي قيمت 32 لک رپيا مقرر ڪئي وئي ??هي جنهن ۾ 3 لک رپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي جنهن جي ڪري في يونٽ لاڳت 29 لک رهجي ويندي. غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ اسلام آباد ۾ پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي ??ان اهو منصوبو مڪمل ڪيو پيو وڃي. اپارٽمينٽس جي خريداري جي لاءِ پرائيويٽ بئنڪون آ??ان قسطن تي قرضن جي سهولت پڻ ڏئي رهيون آهن. سبسڊي جي ڪري انهن اپارٽمينٽس جي ماهوار 13000 رپيا هوندي جڏهن ته مارڪيٽ ريٽ 38000 رپيا بڻجي ٿي. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وز??ر فرخ حب??ب پڻ تقريب ۾ موجود هئا.