اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، روبونڪس ۽ آٽو ميشن جي ميدان ۾ قوم کي ??يار ڪر?? جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنال??جي (نسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري صدر کي ??ائنس ۽ انجنيئرنگ جي معياري تعليم فراهم ڪر?? ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون بين المضامين تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي ته جيئن محققين جي ايندڙ نسل کي ??ن جي مهارت سان ليس ڪري سگهجي ۽ نئين معلومات ۽ ٽيڪنالاجيز تخليق ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته نسٽ هڪ گهڻ شعبا يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مختلف شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ۽ آرٽس، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي پنهنجي ٻن پروگرامن ايم ايس انجنيئرنگ مئنيجمينٽ ۽ ايم ايس پيس اينڊ ڪانفليڪٽ اسٽڊيز آن لائين تعليم ذريعي پيش ڪر?? جو منصوبو ٺاهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فنانس، مئنيجمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ۾ فليگ شپ ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪري ملڪ جي پيشيواراڻي ضرورتن کي پورو ڪري رهي آهي. اجلاس کي ??طاب ڪندي صدر چيو ته مارڪيٽ جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪر?? جي لاءِ گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪر?? لازمي آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ شاگردن جي مهارت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪر?? سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار کي ??ه وڌائي سگهجي. هن نسٽ ۾ نيشنل سائنس اينڊ ٽيڪنال??جي پارڪ قائم ڪر?? کي ??اراهيندي چيو ته ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هائي ٽيڪ ڪمپنين پاران غيرملڪي سيڙپڪاري کي ??اغب ڪر?? سان گڏوگڏ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهڙي ??سم جي منصوبن کي ??ختيار ڪر?? جي ضرورت آهي. صدر آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ سائنس جي تعليم جي معيار کي ??هتر بڻائڻ جي لاءِ يونيورسٽي جي انتظاميا جي ڪوششن کي ??اراهيو.