اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب 23 مارچ ??اڪ??تان جي ڏهاڙي تي پوري قوم ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع جو ڏينهن قومي جذبن جي تعمير ۽ خوابن جي تعبير جو ڏينهن هو. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ??اڪ??تان قائم ??يڻ جو مقصد پاڪ زمين کي هڪ اسلامي جمهوري ۽ فلاحي رياست بڻائڻ هو. وزيراعظم عمران خان ??اڪ??تان ??ي مديني جي رياست جي طرز جي فلاحي رياست بڻائڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي.