اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افعانستان جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جان??ن ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ افغان عبوري حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي خاندانن ۽ ٻين متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي هنگامي امد??د جي لاءِ اڳتي وڌي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم افعانستان جي ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي عالمي برادري ۽ او آءِ سي افعان هيومنٽرين ٽرسٽ جي فورم تان متاثر افغان عوام جي مدد جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اڳ ۾ جاري انساني بحران ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته وقت سر قدم نه کنيا ته جاني نقصان وڌڻ جو خطرو آهي جنهن جي لاءِ فوري هنگامي قدم گهربل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خوراڪ، طبي امداد، بي گهر ماڻهن کي پناهگاهن جي فر??هم?? لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون افغانستان جي مدد جو پروگرام شروع ڪن. هن چيو ته افغانستان جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ افغان عوام سان گڏ آهيون، هر ممڪن امداد ڪنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي افغانستان جي ٻوڏ متاثر عوام کي امد??د جي فر??هم?? جو پڻ حڪم ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان متاثرين جي لاءِ هنگامي امداد موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.