اسلام آباد – 27 – جون (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي جيل ڪامپ??يڪ?? جي منصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس وٺندي ا??ندڙ مالي سال ۾ جيل جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ منصوبي جي جائزي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ان حوالي سان حڪمنامو جاري ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ گهرو، هائوسنگ، منصوبابندي وارين وزارتن جا سيڪريٽريز، اسلام آباد چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي ا?? جو چيئرمين شامل آهن. وزيراعظم معاملي تي ڪميٽي کان هڪ هفتي ا??در رپورٽ گهرندي اسلام آباد ماڊل جيل ڪامپ??يڪ?? جو ساالن کان التوا هيٺ پيل منصوبو هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جديد ترين عالمي معيار ۽ سهولتون رکندڙ اسلام آباد جيل جي تعمير فنڊ نه هجڻ سبب مڪمل نه ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڪامپ??يڪ?? کي دنيا جي جديد جيلن تحت تعمير ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد جي پ??هنجي جيل نه هجڻ سبب قي??ين کي 6 ڏهاڪن کان اڊيالا جيل ۾ رکيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ موٽروي ويجهو سيڪٽر ايڇ 16 ۾ 90 ايڪڙ تي ٻڌ?? اها جديد جيل تعمير ٿي رهي آهي. ٻه ماڙ بيرڪن واري ا?? جيل ۾ 2000 قي??ين کي رکيو ويندو. اسڪول، مسجد، ٽريننگ سينٽر، راند جو ميدان، آءِ سي ٽي جون عدالتون به ان جيل ڪامپ??يڪ?? جو حصو آهن. جيل عملدارن جي تربيت جو مرڪز به منصوبي جو حصو آهي.