ڪلر سيدان – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪلر سيدان ۾ به پاڪستان جي 75 ه??ن جشن آزادي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جون تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جون تياريون شروع ٿي ??يون آهن، ان سلسلي ۾ پهرين آگسٽ کان ئي ڪلر سيدان جي مختلف بازارن ۾ قومي جه??ڊن?? جهنڊين، بيجز سميت جديد دور جي هم آهنگ نت نئين ڊيزائن جي ش??ن جي وڪري لاءِ اسٽالز سجايا ويا هئا جڏهن ته ڪلر سيدان جي شهرين پاران گهرن ۽ گاڏين تي سبز هلالي جهنڊو لڳائي پاڪستان سان پنهنجي محبت جو والهاڻو اظهار ڪيو پيو وڃي، جشن آزادي جي تيار??ن جي سلسلي ۾ شهر??ن جو چوڻ هو ته 14 آگسٽ شاندار طريقي سان ملهائينداسين ان ڏينهن جي مناسبت سان گهرن کي پاڪستان جي جهنڊن سان سجايو پيو وڃي، هر شخص پنهنجي سگهه موجب ملڪ سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي.