ڪوئيٽ?? – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي بلوچستان جي صوبائي صدر مير چنگيز خان جمالي، جنرل سيڪريٽري روزي خان ڪاڪڙ، اطلاعات واري صوبائي سيڪريٽري سردار سربلند خان جوگزئي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي. ڪشمير اس??حصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پيپلزپارٽي بلوچستان جي اڳواڻن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج قابض آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون، انٽرنيٽ تي بندش ۽ ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان پيپلزپارٽي بلوچستان جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري واري جدوجهد جي هر ممڪن اخلاق??، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، دنيا ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ اس??ن شهيد برهان واني سميت سڀني ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.