اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان حڪومت جي ترجما?? فرح عظيم شاهه ڪشمير استحصال ڏهاڙي ??ي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ان ڏينهن کي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري ڪشميرين تي ظلم جو نئون دور شروع ڪيو. ڀارت جو آئين والاريل رياست کي خصوصي حيثيت ڏيي ٿو ۽ ڪير مستقل شهري ا??ي ۽ ڪير زمين خريد ڪري سگهي ٿو، انهن ٻنهي آرٽيڪلز کي ختم ڪرڻ ک??نپوءِ ڪشميرين تي بدترين ظلم شروع ٿي ويا. هن چيو ته ڪشمير هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ڪشميرين تي طلم گذريل هڪ صديءَ کان جاري آهن پر آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ??ي منسوخ ٿيڻ ک??نپوءِ صورتحال خراب ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ڪشمير جي آزادي جو جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آهيون.