اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف سومر ڏينهن وڏي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ آبادگارن جي روزگار جي بحالي لاءِ خصوصي پئڪيج تيار ڪرايو. وزيراعظم جي هدايت تي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ناڻي واري وزارت جي مشاورت سان آبادگار پئڪيج تيار ڪيو ويو. آبادگارن جي لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي مفت فراهمي جو وڏو پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيندو. ڀاڻ (ڊي اي پي) جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ يوريا جي وڏي ??قدار ۾ ملڪ ۾ دستيابي جي قدمن جو اعلان به پ??ڪيج ۾ شامل آهي. ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي سان هلائڻ جي وڏي ??روگرام جي شروعات، بجلي جي بلن ۾ قسطون به پ??ڪيج جو حصو آهن.