اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي عوامي جمهوريه چين جي قيادت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظ??ار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان تعزي??ي بيان ۾ صدر چيو ??ه چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن هڪ مشهور ڏاهو هو، جنهن مسلسل اقتصادي سڌارن جي ذريعي چين کي تيز رفتار ترقي تي گامزن ڪيو ۽ ملڪ ۾ زندگي جي معيار نمايان طور ??ي بلند ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چين جي صدر جيانگ زيمن جي ڏاهپ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ??ه چين جي آنجهاني اڳوڻي صدر کي ان جي ملڪ جي لاءِ ان اعليٰ خدمتن ۽ ڪوششن جي لاءِ سدائين ي??د رکيو ويندو، جنهن جي ڪري چين اڄ جي دنيا جي هڪ عظيم معاشي قوت طور سامهون آهي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان چين جي عوام سان گڏ آهيون.