اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ قيمتي جانين جي زيان تي افس??س جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري افس??س جو اظهار ڪيو. صدر چ??و ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، قوم پنهنجي شهيدن تي فخر ڪري ٿي. هن چ??و ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي قوم سدائين ياد رکندي آهي. اهڙيون بزدلاڻيو?? ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. صدر پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين، پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي لاءِ در??ن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.