اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته چئلينجن جي باو??ود قومي ٽيم ٽورنامينٽ جي دوران ليڊرشپ جو مظاهرو ڪيو ۽ ورلڊ ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا، پاڪستان جي ليجنڊ ڪرڪيٽرز ۽ غيرملڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي ??ي خطاب ڪندي صدر چيو ته رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باو??ود اسان جي ٽيم ان عا??مي ٽيمن جي خلاف سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جن کي ڪرڪيٽ جي اربين ڊالر جي معيشت سمجه??و وڃي ٿو. هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جهڙي طرح راند هارائڻ جي باو??ود هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪئي، اها ذڪر جوڳي اهي، ٽيم جا اڪثر رانديگر جوان آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته اهي ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي فتح ڏياريندا. صدر چيو ته سڄي قوم پنهنجي ڪرڪيٽ جي ستارن جي شاندار ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿي. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ هڪ انتهائي مقبول راند آهي ۽ ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي سڀني پاڪستانين جي زندگين ۾ رنگ آڻي ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو ته تنقيد جو واحد جواب فتح آهي ۽ ان کي سدائين پسند ڪ??و وڃي ٿو. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اها قوم جي حمايت هئي جيڪا ايتري وڏي ٽورنامينٽ ۾ هنن جي طاقت بڻي.