اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف پوري پاڪستان جو آواز هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، سالن ک??نپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسرجي نه ٿو. اي پي ايس سانحي جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هر سال 16 ڊسمبر جو ڏينهن پوري قوم کي ان عذاب ۽ ڏک جي ياد ڏي??ري ٿو جڏهن دهشتگردن اي پي ايس پشاور ۾ ظلم جو داستان لکيو. سالن ک??نپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسارجي نه ٿو. اڄ اي پي ايس سانحي جي شهيدن سان عقيدت ۽ انهن جي پونئيرن جو ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ??ڏهن به نه وساريندي، 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خلاف پوري پاڪستان جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پوري دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ??نيون آهن. اسان جي اها جدوجهد ج??ري آهي جيڪا ان لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهي مضبوط ارادي ۽ ثابت قدمي سان ج??ري رهندي.