اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گرمين ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي مناسب قدمن ۽ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي پهچ ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته گرمين جي موسم ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ان حوالي سان لوڊ مئنيجمينٽ جا مناسب قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته ان تجويز ڪيل حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن گرمي جي اچڻ کان اڳ لاڳ??پي?? ادارن وٽ هڪ ٺوس ۽ جامع پلان موجود هجي. وزيراعظم چيو ته گرمين جي مهينن خاص طور تي رمضان المبارڪ دوران گهٽ کان گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته بجلي جي پيداوار جي حوالي سان انرجي مڪس ۾ مقامي ٻارڻ ۽ متبادل وسيلن جو حصو مسلسل وڌي رهيو آهي جنهن جي ??ري مهانگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ درآمدي بل ۾ پڻ خاطرخواهه گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ کي مڪمل آپريشنل بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هن پاور ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن ۽ ٻين لاڳ??پي?? ادارن کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان هم آهنگي ۽ رابطو بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو و??و ته عوام تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بار گهٽ کان گهٽ وجهڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وار?? وفاقي وزير اسحاق ڊار، توانائي وار?? وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون جهازيب خان ۽ لاڳ??پي?? اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.