اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۾ فيبروري ۾ آيل زلزلي سان ٿيندڙ تباهي جو تازي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، هن مشڪل وقت ۾ ت??ڪيه جي ڀينرن ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، حڪومت صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائولنس جي چيئرمين فاتح ڪمال جي صدارت ۾ ت??ڪيه سان تعلق رکندڙ صنعتڪارن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پا??ستان ۾ ت??ڪيه جو سفير مهمت پا??اجي پڻ موجود هو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۾ فيبروري جي زلزلي سان ٿيندڙ تباهي جو مثال تازي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن چيو ته ان تباهي تي اسان کي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ان زلزلي سان ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ريسڪيو، ريليف ۽ ميڊيڪل جون ٽيمون ترڪيءَ روانيون ڪيون ۽ امدادي سامان موڪلڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا. هن چيو ته ترڪيه به پا??ستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي. وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته پا??ستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعت، توانائي، مواصلات ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن ?? حڪومت سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڊائولينس جي پا??ستان ۾ قائم ڪيل يونٽ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي ته جي??ن جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ان جي ايفيشينٽ مصنوعات تيار ڪيون وڃن. ڊائولينس جي پا??ستان ۾ پروڊڪشن پلانٽ کي ريجنل ايڪسپورٽ حب بڻائڻ جي حوالي سان پڻ حڪمت عملي بڻائي پئي وڃي. وفد وڌيڪ ٻڌايو ته ڊائولينس ڪراچي کانپوءِ اسلام آباد جي نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ به ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيو آهي، جيڪو اڪيڊميا ۽ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطو هوندو. هن سينٽر سان انجنيئرز کي ٽيڪنيڪي مدد ۽ ڪيپيسٽي بلڊنگ ۾ مدد ملندي. وفد وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آرچ ليڪ (جيڪو ترڪيه جي هڪ هائوس هولڊ صنعت آهي) ترڪيه ۾ موجود پا??ستاني شاگردن کي مسلسل ٻن سالن کان انٽرن شپ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سان نه رڳو شاگردن کي انڊسٽري جي گهرجن کان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي پر ڪيترائي پا??ستاني شاگرد ان ڪمپني ۾ ملازمت به حاصل ڪري چڪا آهن. وزيراعظم ڊائولينس کي درپيش سڀني آپريشنل مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم وفد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وفد جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو خاص معاون جهازيب خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.