اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ا??ٿو??يا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پا??ان ج??ري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ا??ٿو??يا جي سفارتخاني جو افتتاح ۽ ا??ٿو??يا جي ايئر لائينز پا??ان ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ا??ٿو??يا جي پرڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربان?? کر اسلام آباد ۾ ا??ٿو??يا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ا??ٿو??يا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ا??ٿو??يا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ا??ٿو??يا جي وفد جي دوري سان ا??ٿو??يا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.