اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??اڪستان ??يپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان ??وجب وفد ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، وزيراعظم جو ڪ??مي?? ۽ گلگت بلتستان ??عاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ?? سينيٽر نثار کهوڙو شامل هئا. ان ??وقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا. وفد معاشي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.