مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) چئن عالمي خابرو ايجنسين سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذريعي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023ع ??ي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪيون آهن. پاڪستان، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ مص?? جي خابرو ايجنسين سان شراڪتداري ذريعي ميڊيا تي پيغام پهچايا ??يندا ۽ ميڊيا ??واد ۾ نيون ٻوليون استعمال ڪيون وينديون.انڊونيشيا، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي خابرو ايجنسين سان گڏوگڏ مڊل ايسٽ نيوز ايجنسي (ايم اي اين اي) سان شراڪتداري جو مقصد انهن جي سرڪاري ويب سائيٽن ۽ انهن جي ميڊيا ??يٽ ورڪ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي اشاعت جي دائري کي وڌائڻ آهي، اها شراڪتداري ٻن مقدس مسجدن جي خدمت ۽ مقدس هنڌن تي رهائش ۽ چر پر جي حوالي سان خدمتن جي بهتري لاءِ سعودي مملڪت طرفان ڪيل ڪوششن تي به روشني وجهند??. ا?? شراڪت سان هر سال حج جي سڄي سيزن ۾ ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خبرن جي ڪوريج ۾ اضافو ٿيندو، ايس پي اي مڪي پاڪ ۽ ٻين مقدس هنڌن ۾ پنهنجي ميڊيا ??رڪزن ذريعي پنهنجي عالمي شراڪتدارن کي ميڊيا خدمتون فراهم ڪندي. سعودي پريس ايجنسي پوري توانائي ۽ فني تيارين سان ڪوريج جي ڪوششن جي حمايت لاءِ هڪ گڏيل نيوز ايڊيٽنگ روم به قائم ڪيو آه??. ا??ي ڪوششون حج جي روحاني اجتماع کي اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامي روايتن مطابق ميڊيا جي شاندار ڪم کي پيش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. عالمي خابرو ايجنسين سان شراڪتداري سعودي ق??ادت طرفان حاجين لاءِ مختلف ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪندي فراهم ڪيل آسان طريقيڪار کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنل آهي. سعودي حڪومت هڪ مربوط نظام ۽ طريقيڪار مطابق حاجين کي سهولتون فراهم ڪندي آه??. ا??ا شراڪت عالمي خابرو ايجنسين کي ايس پي اي سان پنهنجي سهڪار ذريعي مواد ۽ پيغام جي حوالي سان هڪ نئون تجربو به فراهم ڪند??. ا??س پي اي اهڙو قدم کڻڻ جي خواهشمند آهي جيڪو گڏيل ميڊيا ??رڪ لاءِ هڪ معياري مرحلي جي نمائندگي ڪندو هجي. نئين ٻولين ۾ شراڪتداري ذريعي ميڊيا ??يغام ڀاشا، اردو، پشتو، سنڌي، بلوچي، ملائي، تامل ۽ هسپانوي ٻولين ۾ اماڻيا ??يندا. جنهن سان ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خدمتن کي تقويت ملندي. جڏهن ته ايس پي اي ان کان عربي، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني ۽ فارسي ميڊيا ??واد پيش ڪري رهي آهي.